شعبان المعظم

شعبان المعظم: هيءُ قمري سال جو اٺون مهينو آهي، هن کي سنڌي ماڻهو ‘براد’ جو مهينو چوندا آهن. هي مهينو وڏي برڪت وارو مهينو آهي، جنهن کي خدا وند عالم طرفان رمضان المبارڪ ۽ رجب المرجب وانگر وڏي برڪت وارو مهينو ڪوٺيو ويو آهي. شب برات کان سواءِ حضرت امام حسينعه، حضرت ابو الفضل العباس ابن عليعه، بيبي زينب سلام الله عليه، حضرت علي اڪبر ابن الحسينعه۽ حضرت محمد مهديعه جون ولادتون پڻ هن مهيني جي مختلف تاريخن تي ٿيون. اهي سمورا بابرڪت ڏهاڙا وڏي ڌوم ڌام سان ملهايا ويندا آهن.


لفظ شعبان المعظمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو